محمد ابراهيم جان خليل ٽکڙائي

محمد ابراهيم جان خليل ٽکڙائي : حضرت آقا محمد حسين جان سرهنديءَ جو پوٽو، حضرت خواجه محمد حسن جان جو ڏهٽو ۽ آقا محمد اسماعيل جان ”روشن“ جو ٻيو نمبر فرزند محمد ابراهيم جان ”خليل“ رمضان المبارڪ 1334هه/ 1915ع ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد ۽ ڏاڏي کان عربي، پارسي، سنڌي ۽ فقه ۾ چڱي تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي چوٿين درجي کان پوءِ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ڪراچيءَ ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو. سندس ذهانت ۽ علم لاءِ شوق کيس ايتري فوقيت ڏني هئي جو اتي ڪيترا مئٽرڪ جا شاگرد کانئس عربي ۽ پارسيءَ جي ڏکين لفظن جي معنيٰ پڇندا هئا. انهيءَ زماني ۾ انگريزي تعليم علمائي ڪرام ۽ مشائخين عظام کي ڏکي لڳندي هئي ۽ پنهنجي اولاد کي انگريزي پڙهائڻ کان عار لڳندو هو. آغا حسين جان ۽ آغا اسماعيل جان، علماءِ ڪرام جي پيروي ڪندي، صاحبزادن کان انگريزي تعليم ترڪ ڪرائي ڳوٺ وٺي آيس، مگر هن علم جي طالب کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ۽ جلد ئي سنڌ کي الوداع ڪري، ”طيبه ڪاليج دهلي“ داخل ٿيو، جتان چند سالن بعد سند يافته ٿي واپس وطن ڏانهن وريو. حديث شريف ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪيترن عالمن کان سندون حاصل ڪيون اٿس. پير صاحب نهايت خليق ۽ ملنسار شخص آهي. سندس ڪچهري نهايت لطف واري ۽ گفتگو رس واري آهي. جيتوڻيڪ پير صاحب جو ڪو به ڪتاب شايع ٿيل ڪونه آهي. نڪي پاڻ ايترو نثر لکي ٿو، تاهم جيڪي ڪجهه لکي ٿو سو نهايت مرصع آهي ۽ سندس زبان دانيءَ تي دلالت ڪري ٿو. ننڍپڻ کان پيءُ ۽ ڏاڏي جي صحبت ۾ رهڻ ڪري، پير صاحب شعر چوڻ شروع ڪيو. سندس استاد خود سندس والد هو. سندس شعر پختو ۽ تخيل سان پر آهي. تجنيس حرفي، صاف سنڌي محاوره وغيره سندس ڪلام ۾ گھڻي قدر موجود آهن. ڏوهيڙا وغيره به چيا اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.00.00  عيسوي

محمد ابراهيم جان خليل رمضان المبارڪ 1334هه/ 1915ع ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طالب الله مخدوم
ثقفي حجاج بن يوسف
رئيس ولي محمد خان
اعجاز ٻرڙو
لڇمڻ ڪومل
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
سرهو فقير
خيرو اوٺوال
بکر فقير سومرو
رام سنگهه سوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون